خانبهادر محمد صديق ميمڻ

خانبهادر محمد صديق ميمڻ

خانبهادر محمد صديق ميمڻ

خانبهادر محمد صديق ميمڻ: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ تعليمدان، محمد صديق ولد محمد يوسف ميمڻ، 30 مارچ 1890ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ورتائين ۽ گرئجوئيشن عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. خانبهادرمحمد صديق ميمڻ 1935ع ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪئي. جنهن جو پهريون سيڪريٽري ۽ پوءِ صدر ٿيو. 1940ع کان 1947ع تائين ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو. خانبهادر محمد صديق
ميمڻ، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي اهتمام هيٺ مسلمان نياڻين لاءِ پهريون سنڌي گرلس اسڪول ’مدرسة البنات‘ نالي سان حيدرآباد ۾ قائم ڪيو. ان وقت وزير تعليم جي. ايم. سيد هو. هن اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ هالن جي علمي شخصيت مخدوم غلام حيدر صديقيءَ صدارت ڪئي ۽ خاص مهمان سائين جي. ايم. سيد هو. اهڙو ڪتبو پٿر تي اڪريل ’مدرسة البنات‘ اسڪول جي ٻاهران اڄ تائين لڳل آهي. خانبهادر1953ع ۾ مسلم گرلز آرٽس ايـنـڊ سـائـنـس ڪـالـيـج حيـدرآبـاد قـائـم ڪـرايـو.
هن سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ سنڌي ڪتابن جي اشاعت لاءِ سنڌي مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس کولائي، جنهن جي نگراني خود ڪندو هو. خانبهادر سوسائٽيءَ پاران ڪيترا ڪتاب ڇپرايا.
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ڪيترا علمي ادبي ۽ نصابي ڪتاب لکيا، جن مان ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (ٻه ڀاڱا) اهم آهي. جنهن جا ڪيترا ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن.
هن ڪتاب جو چوٿون ايڊيشن (گڏيل صورت ۾) 2000ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
هن جي لکيل/ڇـپـايل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) سنڌ جي ادبي تـاريـخ (ٻـه ڀـاڱا)، (2) ادبي تحفو (نثر جي بهار)، (3)پاڪستان جي تاريخ، (4) سـنـڌ جـي تـاريخ، (5) انگي حساب، (6) ڏيهي حساب، (7)جاميٽـري، (8) گرامر، (9) مضمون نويسي، (10) حـيــاتيءَ جــو دور، (11) ڪــامـل رهــنـمــا، (12) تـعـليـمـي نفـسـيـات، (13) بيگلار نامو وغيره. ]حوالو: سنڌي نثر جي تاريخ: ڊاڪٽر غلام علي الانا، 1999ع[
1941ع ۾ هن تعليمي ماهر جي تعليمي ۽ سماجي خدمتن کي ڏسندي کيس هندستان جي وائسراءِ پهرين ’خانصاحب‘ جو لقب ڏنو ۽ 1946ع ۾ کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو ويو. صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، 20 نومبر 1958ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ خانبهادر محمد صديق ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.03.30  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ تعليمدان، محمد صديق ولد محمد يوسف ميمڻ، 30 مارچ 1890ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.


1958.11.20  عيسوي

خانبهادر محمد صديق ميمڻ، 20 نومبر 1958ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپا راڻي
امام بخش شاهه فدوي
رحمت خان گبول
آري
ٽلومل آڏواڻي
سيد غوث علي شاهه
زيبا بختيار
جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت
در محمد سومرو
بو هيڊ وهيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون